ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جي ٻن جوان?? جي شهادت تي پونئيرن سا?? افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اتر و??ير??تان ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ جوان ملڪ جا بهادر فرزند هئا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم پنهنجي جوانن سپاهي عمران الله شهيد، س??اهي افضل خان شهيد جي سدائين مقروض رهندي. بلاول ڀٽو زرداري شهيد?? جي پونئيرن سا?? دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي اڳ ۾ به شڪست ڏئي چڪي آهي، ه??ڻي انهن جو نالو نشان مٽائڻ جو عزم رکي ٿي.