انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديامان پهچڻ تي وز??را??ظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ پارليامينٽ ۾ پاڪستان – ترڪي فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وز??را??ظم سان گڏ انقره ۾ آديامان پهتا. وز??را??ظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ ترڪ عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان مان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. ت??ري?? کانپوءِ ترڪ ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (ا?? ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وز??را??ظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي ترڪ جذبي سان ترڪ قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته ترڪيه سدائين پاڪستان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وز??را??ظم آديامان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پ??ڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وز??را??ظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي وز??را??ظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن ترڪيه جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ پ??عزم حمايت سان گڏوگڏ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيو?? بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.