اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪر??چي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چين جي حصيداري سان تعمير ٿيندڙ ڪر??چي نيو ڪلئير پاور پلانٽ (KANUPP) جي ٽئين يونٽ (K 3) جي افتتاحي تق??يب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. ان منصوبي جي آغاز سان ڪر??چي ۾ نيو ڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي م??موعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. وزيراعظمK 3 پاور پلانٽ جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪندو ۽ ٻوٽو لڳائيندو. ان موقع تي وزيراعظم تق??يب کي خطاب به ڪندو.