ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو خوش آئنده آهي، ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي بورڊ ۾ پاڪستاني واپاري جي طور ميمبر موجودگي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار جو اعتراف آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي وفد ملاقات ڪئي جنهن جي قيادت چيمبر جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ناڻي وارو و??اقي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو و??اقي وزير سيد نويد قمر، دفاع وارو و??اقي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي وارو و??اقي وزير خواجه سعد رفيق، مواصلات وارووفاقي وزير مولانا اسعد محمود، وزي??اع??م جا خاص معاونين اورنگزيب، طارق فاطمي ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وفد سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته کيس يو اي اي جي هڪ اهم چيمبر آف ڪامرس جي وفد سان ملي خوشي ٿي. هن چيو ته ابوظهبي چيمبر گڏيل عرب امارات جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزي??اع??م چيو ته چيمبر ۾ پاڪستاني ميمبرن مان هڪ واپاري جو بورڊ ميمبر بڻجڻ اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي جيڪو ان حقيقت جو مظهر آهي ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزي??اع??م چيو ته گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن ۽ دانشمندي مختصر عرصي ۾ گڏيل عرب امارات کي اقتصادي ۽ سياحت جو مرڪز بڻايو آهي، پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي?? گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي سطح تي رابطن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان گڏيل عرب امارات کي پنهنجو پاڙيسري هجڻ جي ناطي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيدار سمجهون ٿا جيڪو خطي ۾ امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي صل??حيت رکي ٿو. وزي??اع??م چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. وزي??اع??م چيو ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان پاڪستاني چيمبرز تي زور ڏينداسين ته اهي ابوظهبي چيمب?? سان نوان رابطا قائم ڪن. وزي??اع??م ابوظهبي چيمبر جي ميمبرن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اهي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي بهترين موقعن جو تجربو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪن. وزي??اع??م چيو ته هنرمند افرادي قوت کي گڏيل عرب امارات موڪلڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.