اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيوروڪريسي کي ڪارڪردگي ۽ پهچ کي خاص طور تي ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن تائين وڌائڻ ۽ ??اڻ??ن کي انهن جي درن تي بنيادي خدمتن جي معياري ۽ تيز تر فراهمي کي يقيني بڻائيندي خدمت تي ٻڌل شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بنا ڪنهن پريشاني جي تيز رفتار خدمتن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري عوام کي ريليف فاهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ 117 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اين ايم سي) جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو جن ۾ مختلف سروسز ۽ پيشيواراڻي گروپن جا سينيئر سرڪاري ملازم شامل هئا. شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي صدر چيو ته بيوروڪريسي کي پنهنجون توانائيون، صلاحيتون، علم ۽ مهارت کي پاڪستاني عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ لڳائڻ گهرجن ۽ ملڪ جي سمورن حص?? خاص طور تي ڏورانهن علائقن جي ??اڻ??ن تائين خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي ??ان وابستگي بيوروڪريسي جو مرڪزي ٿنڀ هجڻ گهرجي جنهن جي لاءِ اڪثر وقت پئسو نه پر روين ۾ تبديلي جي ضرورت هوندي آهي. صدر مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجيز جي مدد ??ان ان جي دير، ڪارڪردگي ۽ نتيجن ۾ غيرمعمولي اضافي جي لاءِ پاڪستان جي بيوروڪريٽڪ عمل جو جائزو وٺڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته بيوروڪريسي کي مسئلن کي نشاندهي ڪرڻ، ماضي جي ڪامياب تجربن تي غورڪرڻ، سڄي دنيا جي بهترين طريقن کي اختيار ڪرڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مقرر ٽائيم لائين ??ان گڏ اهم ڪارڪردگي جا گولز جوڙي مسئلن جو حل فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي آبادي ۾ اضافي جو چئلينج درپيش آهي، جيڪو ان جي محدود وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي جڏهن ته آئوٽ آف باڪس آئيڊياز ۽ حل ا??ان جي آبادي ۾ اضافي کي بهتر طريقي ??ان منظم ڪرڻ ۽ ان آبادي کي معاشي ۽ مالياتي اثاثي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته جيتوڻيڪ صوبن پنهنجي بجيٽ جو 20 سيڪڙو کان وڌيڪ تعليم تي خرچ ڪيو تنهن هوندي به ت??ليمي خدمتن جي معيار ۽ ڪاٿي ۾ وڌيڪ بهتري جي ضرورت آهي. هن موجوده اسڪولن جي حالت کي بهتر بڻائڻ ۽ نئين سهولتون پيدا ڪرڻ ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي نظام ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ سول بيوروڪريسي جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ??اڻ??ن جي لاءِ مددگار ٽيڪنالاجي ۽ سازگار حالتون انهن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائي سگهن ٿيون ۽ انهن جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ کي يقيني بڻائيندا. هن دماغي ۽ نفسياتي مرضن ۽ مسئلن جي صورتحال تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته ا??ان جي 24 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي کي ذهني صحت جا مسئلا درپيش آهن. هن معاشري ۾ ڇڪتاڻ جي سطح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا کي خاص طور تي آءِ ٽي ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ قابل ۽ هنرمند انساني وسيلن جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي نوجوانن کي گهربل علم، تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اهو انهن کي هڪ اعليٰ پيداواري انساني وسيلن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته سڄي دنيا جي تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته هائبرڊ ۽ آن لائين تعليمي نظام معيار ۽ لاڳت جي لحاظ کان وڌيڪ موثر آهي. هن وڌيڪ چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن کي گهرجي ته اهي هائبرڊ ۽ آن لائين تعليمي نظام جي بهترين طريقن کي استعمال ۾ آڻين ته جيئن تعليم جي معيار تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ وڏي انگ ۾ ??اڻ??ن تائين پهچ کي وڌائي سگهجي. صدر انصاف جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ روشني وڌي جنهن ??ان ??اڻ??ن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.