اسلا?? آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 9 ۽ 10 نومبر تي سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو دو??و ڪري رهيو آهي. دو??ي دو??ان پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب سان سعودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) جي سي??سي ۽ سلامتي بابت گڏيل ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي دو??ي دو??ان جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪندو. سرڪاري مصروفيتن کانسواءِ پرڏيهي وزير مقامي ميڊيا ۽ ملڪ جي ٻين معززين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزي?? جي دو??ي سان سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ گڏيل مفاد ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو.