اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين کي آمريڪا پاران انساني امداد جي تسلسل ۾ ٽي اڏامون سکر ايئرپورٽ پهچي ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آمريڪا مان هيستائين 10 اڏامون ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي ??اڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته آمريڪا پاران انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪئي وڃي ٿي.