اسلا?? آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري هم??ردي جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلا?? آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتيرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلا?? آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ح??ا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.