اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد علي گيلاني جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي ??هيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد علي گيلاني جي ??دوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي ??زادي جي ??هڃاڻ سيد علي گيلاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو سيد علي گيلاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي ??اريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران س??د علي گيلاني جي ??دوجهد حريت ۽ ڪشمير جي ??زادي جي ??اريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد علي گيلاني شهيد جو مڙهه کسڻ سان ڪشميرين کان آزادي جي ??ڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪشميري سيد علي گيلاني کي سلام پيش ڪن ٿا، اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي ??هيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد علي گيلاني سميت سمورن ڪشمير جي ??هيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.