اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدا??ي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻ??ڏ سبب ٻه ??ند ٽٽڻ ۽ نقصان جي مڪمل ڪاٿي ??انپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي رهائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پيتي جي شين جو فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.