اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته آئين جي بالادستي ئي اسان جي منزل آهي، ڇو ته آئين رياست ج?? هر شهري کي بنيادي حق، جمهوريت ۽ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏي ٿو، نفرت، انتشار جي سياست کي ڇڏي ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف وڌڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ سبزه زار ۾ قائم يادگار جمهوريت تي حاضري جي موقعي تي چئي. هن چيو ته آئين جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته جمهوري قوتن جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ل??ءِ جمهوري قوتن کي آمريت دوران بي پناهه مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو. آئين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بحالي ل??ءِ قربانيون ??يندڙ گمنام ??يروز کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. جمهوريت جي گمنام ??يروز آئين جي تقدس جي ل??ءِ ڪوڙا کاڌا ۽ قيد جهڙيون مصيبتون برداشت ڪيون. آئين تي عملدرآمد ڪندي وفاقي اڪائين کي آئين ۾ ڏنل اختيارن ۽ شهرين جي بنيادي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻا??ڻو پوندو. موجوده پارليامينٽ چئني صوبن سان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي ل??ءِ ڪوششون ??ري رهي آهي. اسان کي بحيثيت قوم پاڻ ۾ اختلافن کي وساري هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.