اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻ??هي ملن جي وچ ۾ تعميري رابطا خطي ۾ امن ۽ ترقي کي فروغ ڏيندا. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر الهان عمر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??ان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل ??فا?? جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ٻطرفي مٽاسٽا سان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۾ بهتري اي??دي. صدر چيو ته ڀارت ۾ مودي حڪومت پاران اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ هو انهن جي خلاف انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي. صدر آمريڪي ڪانگريس ميمبر سان ملاقات دوران خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته آءِ ٽي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ??ڀ کان اهم شعبو آهي ۽ آمريڪي واپاري ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن اسلامو فوبيا جي خلاف پاڪستان جي ڪردار خاص طور تي ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري کي ساراهيو.