اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته بي اعتمادي رٿ عمومي نه آهي، حڪومت وٽ موجود ثبوتن مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش جو حصو آهي، پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي پوري قوم کي ڳڻتي آهي، سپريم ڪورٽ کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، وفاقي ڪابينا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. چوڌري فواد حسين چ??و ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا ۽ قوم عمران خان جي پويان بيٺل آهي. هن چ??و ته ڪالهوڪي فيصلي تي سپريم ڪورٽ کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. رولنگ صحيح يا غلط هجڻ لاءِ اهو مواد ڏسڻ ضروري آهي، جنهن جي بنياد تي اسپيڪر فيصلو ڏنو هو. هن چ??و ته پاڪستان ۾ هارس ٽريڊنگ تي سڄي قوم کي ڳڻتي آهي، هارس ٽريڊنگ جي ذريعي ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن چ??و ته عدم اعتماد واري رٿ عمومي ناهي، وفاقي حڪومت جي سامهون جيڪو ??واد آهي ان مان واضح آهي ته بي اعتمادي رٿ عالمي سازش تحت آندي وئي آهي، جنهن جي پويان ڪجهه وڏا مافياز آهن، هن چ??و ته ڪابينا سڀاڻي سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سامهون بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان ثبوت رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهي ثبوت ڏسڻ کانپوءِ به ڪو به بي اعتمادي رٿ طرف وڃڻ چاهي ٿو ته پوءِ فيصلو پاڪستان جي عوام ئي ڪندي. هن چ??و ته وفاقي ڪابينا ان عالمي سازش جي جاچ لاءِ لفيٽيننٽ جنرل (ر) طارق خان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي آهي اهو ڪميشن ان سڄي معاملي جي پويان ڪردارن ۽ معاملن جي جاچ ڪري حقيقتون عوام جي سامهون آڻيندي. هن چ??و ته مخالف ڌر اڳواڻ چيو آهي ته خط موجود ئي نه آهي، انهي لاءِ ڪميشن جي ٽي آر اوز ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن موجب اهو ڏسڻو آهي ته اهو خط موجود آهي يا نه، ڪميشن جاچ ڪندي ته ان خط ۾ حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي يا نه، ڪميشن اها به جاچ ڪندي ته عدم اعتماد واري رٿ جا مقامي هي??ڊل??ز ڪي?? هئا، پوري مخالف ڌر ان سازش ۾ شريڪ نه آهي، ڪجهه مخصوص ماڻهن کي معلوم هيو ته اها سازش ڪٿان کان شروع ٿي