اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب لاهور ??ريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ??ريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سينيئر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سيڪريٽري عبدالمجيد ??اجد، جوائنٽ سيڪريٽري حسن ??يم??ر جهڳڙا ۽ فنانس سيڪريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن کي لاهور ??ريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد ??و اظهار ڪيو ته لاهور ??ريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته لاهور جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير لاهور ??ريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.