اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي يو جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري ??فيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاررواين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو 254 سرڪاري ??فيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي ت?? رپورٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ت?? عوامي شڪايتن تي ڪارروائي بابت غلط بياني ت?? سرڪاري ??فيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب پنجاب جي 154، خيبرپختونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪاري ??هلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري ??يبرپختونخواهه 39 سرڪاري ??هلڪارن جي خلاف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪاري ??هلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خيبرپختونخواهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪاري ??هلڪارن جي خلاف ڪارروائي ٿي.