اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي ??لاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ??وانن جي ??وڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي ??وانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس ن??ئي?? مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پڻ ڳا??هه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي ڳا??هه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي ??دمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي ??رجن جي ??لندي لاءِ دعا ڪئي.