اسلام ??با?? – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آه??، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا آه??، ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي جي 98 هين سالگرهه جي موقعي تي ترڪ سفارتخاني ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاق?? وزير چيو ته ترڪي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ ڀائرن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو لازوال رشتو سدائين قائم رهندو. اطلاعات واري وفاق?? وزير ترڪي جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي وارو وفاق?? وزير غلام سرور خان، بحري معاملن وارو وفاق?? وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.