اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي ۽ تفصيلي مشاورتي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي جيڪو 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي ??ي چارج سنڀاليندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??ڌرائي موجب اها ملاقات آءِ ايس آءِ ۾ ڪمان جي تبديلي جي وقت ۽ نئين ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جي چونڊ بابت وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ جاري ??شاورتي عمل جو حصو هئي. ان عمل دوران دفاع واري ??زارت کان آفيسرن جي هڪ فهرست ملي. وزيراعظم سمورن نامزد آفيسرن جو ا??ٽرويو ڪيو. وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي وچ ۾ مشاورت جو حتم?? دور اڱاري ڏينهن ٿيو. تفصيلي مشاورتي عمل کانپوءِ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي لاءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جي نالي جي منظوري ڏني وئي. نامزد ڊي جي آءِ ايس آءِ 20 نومبر 2021ع تي پنهنجي عهدي ??ي چارج سنڀاليندو.