مڪه المڪرمه – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري دوران پهرين ڏينهن ڇنڇر جي رات ??فد سان گڏ عمرو ادا ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران ??ان پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي کانسواءِ مسلمان امت ج?? لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران ??ان مدينه منوره پهتو جتي مدينه منوره ۾ مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده فيصل بن الخالد السعود وزيراعظم جو استقبال ڪيو. مدينه منوره اچڻ جي فوري پوءِ وزيراعظم عمران ??ان مسجد نبوي ﷺ ۾ روضه رسول ??? تي حاضري ڀري ۽ نفل ادا ڪيا ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم عمران ??ان جڏهن جده پهتو ته مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر شهزاده بدر بن سلطان السعود سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي رياض ۾ ٿيندڙ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ج?? لاءِ پهتو آهي. وزيراعظم عمران ??ان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران ??ان سعودي عرب ۾ گرين انيشي ايٽيو اين جي آئي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ سيڙپڪاري فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ سعودي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو. توقع آهي ته وزيراعظم سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم عمران ??ان سان گڏ ??فد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحوليات وارو خاص معاون امين اسلم شامل آهن.