اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس جي ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائڻ جي هدا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪارن جي سهولت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندءُڙ آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين جي فراهمي، بجلي ۽ گئس ڪنيڪشن جي دستيابي ۽ ٽيڪس مراعتون ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدا??ت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ چي??ي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اقتصادي زونز کي جلد فعال ڪري سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪل 27 خصوصي اقتصادي زونز آهن جن مان 5 زونز جن ۾ سنڌ ۾ ڌاٻيجي، خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي، ب??وچ??تان ۾ بوستان، پنجاب ۾ علامه اقبال انڊسٽريل سٽي ۽ ب??وچ??تان ۾ گو??در شامل آهن، تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وڌيڪ اهو ته ممڪن چيني سيڙپڪارن جي سمورن مسئلن کي هڪ ڇت هيٺ حل ڪرڻ جي لاءِ ??نه?? مان هر هڪ زون ۾ هڪ موثر ون ونڊو آپريشن سهولت ۽ سي پيڪ اٿارٽي ۾ هڪ سهولت مرڪز قائم ڪيو پيو وڃي.