اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ج?? تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد ميلادالنبي ﷺ جو ??اندار جشن ملهايو ويندو جنهن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد ميلادالنبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزي??اع??م عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو ??صوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عيد ميلادانبي ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ ??ال ربيع الاو جي مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان ج?? قومي تاريخ جو ??ڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان ج?? تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد ميلادالنبي ﷺ جو ??هڙو جشن نه ملهايو. وزي??اع??م عمران خان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد ميلادالنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان ج?? تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو ??يد ميلادالنبي ﷺ جو ??شن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.