نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اس??اموفوبيا سميت نسل پرستي جي سڀني حاضر دور جي قسم?? جي عروج ۽ پکيڙ خلاف ”عالمي اتحاد“ ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اهو مطالبو هن گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ ڊربن پڌرنامي ۽ پروگرام آف ايڪشن (ڊي ڊي پي اي) جي 20 هين سالگرهه جي حوالي سان گڏيل قوم?? جي جنرل اس??مبلي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻن ڏهاڪن کانپوءِ تاريخي دستاويزن نسل پرستي، نسلي امتياز ۽ لاڳاپيل عدم رواداري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڄ به هڪ جامع، نافذ العمل، عمل عالمي فريم ورڪ آهي . پرڏيهي وزير چيو ته هي موقعو آهي ته 2001ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊربن ۾ نسلي پرستي جي خلاف ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجن تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو وڃي، هن چيو ته نسل پرستي اسا?? جي گڏيل انسانيت جي نفي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته نسلي نفرت، مذهبي بالادستي ۽ پرتشدد قومپرستي جو اظهار، سياسي ڌارا ۾ داخل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته نيو نازي ازم ۽ ٻين پرتشدد قومپرست گروه?? جي ٻيهر جنم وٺڻ کان وٺي سياستدان?? جي نسل پرستاڻي ۽ زينو فوبڪ روين تائين، وسيع پئماني تي اس??امو فوبيا ۽ مسلمان?? جي نسلي ڪردار ڪشي کان وٺي آفريقي نسل جي ماڻه?? جي خلاف امتيازي شهريت جي قانونن تائين، سڄي دنيا ۾ ل??ين ماڻه?? جي انساني وقار تي حملن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا وبائي بيماري ان منفي روين کي وڌيڪ تيز ۽ نسلي امتياز کي سگهه ڏني آهي ۽ موجوده عدم مساوات کي بگاڙيو آهي، پرڏيهي وزير نسلي عدم مساوات تي ضابطو آڻڻ جي غرض سان 4 نڪاتي تجويزون پيش ڪندي چيو آهي ته 1. غلامي جي ازالي لاءِ اخلاقي، معاشي، سياسي ۽ قانوني ذميدارين تي عملدرآمد ضروري آهي. 2. سڀني لاڳاپ??ل رياستن پاران مساوات کي يقيني بڻائڻ ۽ افريقي نسل جي ماڻهن ۽ امتيازي صورتحال کي منهن ڏيندڙ ٻين مظلوم نسلي ۽ مذهبي گروه?? جي معاشي بهتري لاءِ ايڪشن پلان کي اختيار ڪيو وڃي. 3 لاڳاپيل ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ?? جي ثقافت، پاليسين ۽ طريقن ۾ سڌارا ڪيا وڃن. 4 اس??امو فوبيا سميت نسل پرستي جي سڀني عصري قسم?? جي عروج ۽ واڌ جي خلاف هڪ عالمي اتحاد بڻايو وڃي.