اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز پنهن??ي ڪيسن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي، ثبوت آهن ته روزاني جي ??نياد تي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏي، جائيدادون نيلام ڪيون پيون وڃن جنهن جو روئڻو پٽڻو آهي، ليگي اڳواڻن کي سزائون ميرٽ تي ٿيون، مريم نواز کان حساب گهرو ته نيب تي حملا آور ٿيندي آهي، نواز شريف اثاثن جو حساب ڏيڻ بدران ملڪ مان فرار ٿي ويو. هو ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ٿيندڙ سزائن جي ??لاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، اڄ وري هن وڪيل کي تبديل ڪيو، جولاءِ 2018ع کان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، هتي انهن جو چوڻ گهرجي ??ه اپيلن جي ٻڌڻي روزاني جي ??نياد تي ٿئي، هڪ درجن کان وڌيڪ التوا وٺي چڪا آهن، پنهنجي پٽيشن تي دليل ڏيڻ بدران وڪيل بيمار يا ڪڏهن ڪورونا ٿي ويندو آهي، عدالت به چئي ڇڏيو ته دير جا حربا استعمال ٿي رهيا آهن، هن چيو ته جنهن جي ??لاف فيصلو اچي ته اپيل ۾ وڃي چوندو آهي ته فوري فيصلو ڪرايو وڃي، هتي ڪم مختلف آهي، کين خبر آهي ته کين سزائون چوري، ڪرپشن تي ٿيون آهن، عدالت کي مطئمن ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه آهي، هن چيو ته نواز شريف تي پهرين ڀڳوڙو بڻجي ٻاهر وڃي چڪو آهي، نواز شريف کان ڪرپشن تي رڪوري ٿيڻ وڃي رهي آهي، سندس جائيدادون نيلام ٿيڻ وڃي رهيون آهن، ان تي انهن جي پيٽ ۾سور آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي ??شخص ۽ سالميت جو به خيال ??اه?? ڪندا، پنهنجي ??اتي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن، هن چيو ته ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ تي مريم صفدر جي ٽوئيٽر تان ڪو ٽوئيٽ نه آيو. هن چيو ته اڄ کيس اليڪشن ڪميشن جي ياد اچي رهي آهي، 6 مهينا پهرين مريم صفدر اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران بيهي ڌمڪيون ڏنيون، سپريم ڪورٽ تي حملا، فون تي ججن کي فيصلا لکرائڻ وارا اهي ماڻهو آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي اقتدار هجي ??ه پاڪستان جي ??ندر ۽ اقتدار نه هجي ??ه ٻاهر هوندا آهن. مريم جو نالو اي سي ايل ۾ نه هجي ها ته هو اڄ پاڪستان ۾ نه هجي ها، هن چيو ته ادارن کي توهين انهن جي ??ادت آهي، توهان جيڪو ادارن جو احترام ڪريو ٿا ??هو به اسان جي ??امهون آهي، هن چيو ته جتي جمهوريت هوندي آهي اتي احتساب ۽ اختيار تي ڪڙو احتساب به ٿيندو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪٿي اقتدار ۾ اچو، لُٽ مار ڪريو، مال ٺاهيو، ڪير پڇي ته انتقامي ڪارروائي جو چئو.