اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي پاڪستان طرفان عوام کي انساني بنيادن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چي?? آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن گهربل آ??ي. ??من ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چي?? ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني بنيادن تي امداد جي اشد ضرورت آهي. هن چي?? ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت آهي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل آ??ي. ??فغان آبادي جي انساني بنيادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقيني بڻائجي. پرڏيهي وزير چي??ته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي لاءِ گذريل سالن ۾ عالمي امداد م گهٽتائي آئي آ??ي. ??المي ذميواري جي اصول ۽ ??زن کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن ??اص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چي?? پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني بنيادن تي ڪوششن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ادارن جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ من??قل?? کان علاوه فضائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انساني بنيادن تي راهداري جو قيام شامل آ??ي. ??سان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انساني بنيادن تي فراهمي جو سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ميزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي آهي. هن چي?? ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي معاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ذريعي گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.