اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحريه يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي جي ??والي سان هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحريه يونيورسٽي جي ??يڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صدر کي يونيورسٽي جي ??عليمي سرگرمين، شعبن ۽ اع??يٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر معياري اع??يٰ تعليم جي ??رو?? جي ??والي سان بحريه يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مارڪيٽ جي ??رورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صدر چيو ته يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ??رورت آهي، يونيورسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ??رورت آهي.