اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارليا??ان?? وفد جي سان گڏ ايران جي نئين چونڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، علائقائي ترقي، اقتصادي ??عاون ۽ پارليا??ان?? رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ل??ءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ل??ءِ نامزد ڪيو هو. نئين چونڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارليا??ان?? رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ايران جي نئين چونڊيل صدر ل??ءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ ل??ءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارليا??ان?? وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ??ابطن ۽ واپار جي فروغ ل??ءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چيو ته ايران سان بلوچستان جي سرحدي ??لائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته علائقائي واپار جي فروغ ل??ءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي علائقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي ل??ءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.