اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو?? پاڪس??ان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ افغانس??ان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن افعانستان?? پاڪس??ان جي مفاد ۾ آهي، افغانس??ان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن جي پاڪس??ان ميزباني ڪري رهيو آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ افغانين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن، ان تاريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ افغان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو ه??. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته افغانس??ان پاڪس??ان جو ڀائر ملڪ آهي، اها مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪس??ان ۽ افغانس??ان کي هڪٻئي سا?? گڏ رهڻو آهي، هن چيو ته پاڪس??ان جي ڪوشش آهي ته افغانس??ان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا افغانس??ان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغانس??ان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ان صورتحال ۾ افغانس??ان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي افغان عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪس??ان اهو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن کي پاڪس??ان جو حصو بڻايو آهي، افغاني هتي ڪا??وب??ر ڪري رهيا آهن، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته پاڪس??ان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان افغانس??ان ۾ افغان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانس??ان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن، هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني ايندا آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي ويندا آهن، افغاني علاج لاءِ پاڪس??ان ۾ ايندا آهن?? پاڪس??ان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چيو ته افغان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي?? پاڪس??ان جي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ افغانس??ان جو اهم ڪردار آهي?? پاڪس??ان ان ڏس ۾ مثبت ڪوششون جاري رکيون آهن، هن چيو ته افغان ميڊيا تي امن افغانس??ان جي حوالي سان پاڪس??ان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪس??ان اهو ملڪ آهي جيڪو افغان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، افغانس??ان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪس??ان ۾ به ايندا رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪس??ان ۽ افغانس??ان ميڊيا جو مثبت ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.