لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحوليات?? تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو معاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي گلوبل وارمنگ جا شديد خطرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، مخالف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا ??با ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اسيمبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، مخالف ڌر کي اپيل ڪريا?? ٿو ته هو ملڪي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀي??ا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.