اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ??ه موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙو قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ م??ن قرضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊالر ه??ا جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪري 60.09 ملين ڊالر ه??ا، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊالر ه??ا، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين قرضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجوده حڪومت مارچ 2021ع تائين مجموعي قرضن جو 21 سيڪڙو قرض ورتو، موجوده حڪومت پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ورتل قرضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ڪاميا??يو?? وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري حاصل ٿيون آهن.