اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي ش??ن ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبيا سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسلمان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائين??ي ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀليڪار چوي ٿو. وزير??عظ?? چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري چ??و آهي، مون وزير??عظ?? بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئي ته مسلمان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.