اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي م??ڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 118 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي م??جود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي م??ڪ ۾ 5 هزار 395 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان مل??ان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 75 سيڪڙو، صوابي ۾ 93 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 64 هزار 685 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 923، پنجاب ۾ 37 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 519، اسلام آباد ۾ 6 هزار 178، بلوچس??ان ۾ 1 هزار، گلگت بلتس??ان ۾ 565، آزاد ڪشمير ۾ 725 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 46 هزار 652 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچس??ان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي م??ڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 294 آهي. سڄي م??ڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 39 هزار 818 آهي.