اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪس??ان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ??ه هو پاڪس??ان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد ل??ءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪس??ان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو ??يڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ م??ن جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل آبهوا جي اثرن کي پاڪس??ان جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.