اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ِآهي ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ??طرفي تعاون کي علائقائ?? خوشحالي جي لاءِ وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي. ٻئي ملڪ انهن عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيپال جي سفير تابش آدهيڪاري سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، هن ملاقات دوران ??طرفي ۽ پارلياماني لاڳاپن جي ح??الي سان اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته پاڪستان سارڪ ملڪن سان ??طرفي تعاون کي علائقائ?? خوشحالي لاءِ اهم سمجهندو آهي، پاڪستان ۽ نيپال بين الپارلياماني يونين، ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۽ ٻين اهم فورمن تي مثالي تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطاڪاري، ڊگهي تعاون جي لاءِ اهم آهي، ٻئي ملڪ ان عالمي فورمن کي خطي جي بهتر مستقبل ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، سينيٽ جي چيئرمين نيپالي سفير کي ڀارتي فوج هٿان ??الاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ انساني ح??ن جي خلاف ورزين جي باري ۾ آگاهه ڪيو.