اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙ عنصرن ۽ ذخيره اندوزن جي خل??ف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کنڊ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري ۾ ملوث شگر ملز جي نشاندهي ۽ انهن جي خل??ف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي?? گذريل ٻن مهينن ۾ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، ان جي تسلسل کي قائم رکڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روزاني جي استعم??ل جي شين جي قيمتن جي صورتح??ل جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.