اسلام آباد – 25 –; ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به مسيحي برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ مسيحي وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي ل??ءِ خصو??ي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسو??ءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي وبا جي ٻي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ جي ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مسيحي برادري اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي ا??تياطي تدبيرن کي ا??تيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. مسيحي برادري ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي ا??تيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، مسيحي عملي جي ميمبرن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي ل??ءِ سڄي هفتي کان ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري هو جڏهن ته ايوان صدر، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ري??وي??، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ا??ارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي ملڪ جي گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ مسيحي برادري ملڪ جي امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي ل??ءِ خصو??ي دعائون گهريون.