اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپ??ور??شن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ سا?? تيل ۽ گئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي خزاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگه?? تي تيل ۽ گئس جي فراهمي به ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سا?? اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ايوب خان، شبلي فراز، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپ??ور??شن اينڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني.