اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اڳوڻي پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج جي سربراهي ۾ اقليتي برادري جي و??د ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خليل جارج، سردار رنجيت سنگهه، ولسن وزير ۽ اقليتي برادري جا ٻيا ميمبر شريڪ هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي برادري کي ب??اب?? شهري حق حاصل آهن، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي رياستي دهشتگردي درپيش آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خليل جارج چيو ته اقليتي برادري هر فورم تي اقليتن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽ?? فورسز جي ظلمن کي اجاگر ڪندي ته جيئن ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي سگهي. سردار رنجيت سنگهه چيو ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ تي سک برادري پاڪستان جي حڪومت جي تمام گهڻي ٿورائتي آهي.