اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي 74 هين يوم آزادي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻايو ويندو، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سان لاڳ??پي?? صنعتن کي تاريخي پيڪيج ڏنو جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، ا??شاءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، پاور ڪمپنين سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام جي لاءِ ??ستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي، ا??هن جي حق جي لاءِ ??عاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي، ا??ي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني انسانن کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ رياست انهن جي حقن جي ضمانت ڏي، وزيراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي منزل تي پهچي ساهه پٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪنهن قوم ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.