اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سمورن تعميراتي منصوبن جي پڄاڻي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي، تعميرات جي شعبي ۾ سمورن مرحلن جي آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نظام کي آسان بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، ايف بي آر ??اران ڪاروباري برادري جي لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي ??اب?? قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ??اب?? خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نا??يواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، محسن شيخاڻي ۽ حسن بخشي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر ??اران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن، بلوچستان صوبي ۾ تعميرات جي شعبي ۾ نئين منصوبي، وفاقي گادي واري شهر بليو ايريا ۾ پلاٽن جي نيلامي ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ايف بي آر ??اران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن ??اب?? بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايف بي آر ??يڪس گذارن جي سهولتڪاري لاءِ تعميراتي منصوبن، ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي لاءِ آن لائن رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان تعميرات جي شعبي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي آسان ٿيندي. انهن قدمن جي ميڊيا ۽ ٻين ذريعن سان تشهير ڪئي پئي وڃي.