اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپريشنلائيز ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيب??ز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي پلان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون ??ان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان پاڪست??ن ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ جي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.