اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ لا?? ڊائون ۾ وڌيڪ ٻن هفتن جي واڌ، اڏاوتي صنعت سميت مختلف ڪاروبار کولڻ، ذخيره اندزوي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لا??ِ سخت سزائن تي ٻڌل آرڊيننس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگيون اندازي کان گهٽ آهن، تعميرات جي شعبي جي لاءِ ??ڄ اربع ڏينهن هڪ تمام وڏو پئڪيج ڏينداسين، احتياطي تدبيرون اخت??ار ڪندي ٻيون صنعتون به ضرورت موجد کوليون وينديون، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اهو اخت??ار حاصل آهي ته ڪنهن صنعت کي کولڻ جي حوالي سان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.