اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان قطر جو هڪ ڏينهن دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو آهي، دوري دورا?? ٻه طرفي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس موجب دوري دوران وزيراعظم عمرا?? خان امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ديواني امير جي ملاقات ڪئي. ان جو اهو دورو باقاعدگي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي درون جي مٽاسٽا جو حصو آهي.