اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي والاريل ڪشمير ۾ بنيادي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي افسوسناڪ قرار ڏيندي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب پرامن طور تي حل ٿيڻ گهرج??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عالمي سطح تي هڪٻئي جي موقف جا حامي آهن ?? ڪالهه وانگر اڄ به گڏ بيٺل آهن، پاڪستان سياحت ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن جي ترقي لاءِ ترڪي جي تجربن مان فائدو کڻندو. ا??ڙن خيالن جو اظهار عمران خان ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون ترڪ صدر کي پاڪستان اچڻ تي دل جي گهرا??ن سان ڀليڪار چوان ٿو، اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ??ي صدر رجب طيب اردوان جي خطاب کي پاڪستاني عوام تمام گهڻو ساراهيو، هو پاڪستان ۾ ايترو مقبول آهي جو جيڪڏهن چونڊ وڙهي ته هو ڪل??ن سوئپ ڪري ويندو.