اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس ع??شق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، دنيا ان جي پاليسين کي ??سليم ڪيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿيا ۽ انٽرنيشنل فورمن ۾ پڻ وزيراعظم جي فيصلن کي پذيرائي ملي، تمام جلد عوام کي ??مر ملڻ شروع ٿي ويندا، وزيراعظم احتساب جي بيانيي تي اڄ به قائم آهي، بدعنوان عنصرن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن جي خلاف احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي دولت ڦريندڙ ۽ معيشت کي ??باهه ڪري ٻاهرئين ملڪ اثاثا ٺاهيندڙ قانون جي پڪڙ کا?? بچي نه ٿا سگهن.