اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان گلگت بلتستان قانونسازي اسيمبلي جي اسپيڪر ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين سيد امجد علي ک?? گلگت بلتستان قانونساز ا??يمبلي جو اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان جي پارلياماني خدمتن بابت اداري ۽ گلگت بلتستان قانونساز ا??يمبلي جي وچ ۾ رابطا وڌيڪ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو.