اسلام آباد – 11 8211; ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي استحڪام جي ثمرن کي جلد عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت هيٺ حڪومتي معاشي ٽ??م جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير عبدالح??يظ شيخ، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر ۽ وقار مسعود کانسواءِ ل??ڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.