اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو ٻٽو معيار ۽ منافقت نه هلندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي فيملي لميٽيڊ ڪمپنيون آهن، انهن جي موسمي نظرياتي پن کان قوم واقف آه??، انهن جو مفاد مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ قوم جي ڀلائي ناهي پر ڪرپشن لڪائڻ آهي، معيشت ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ، ملڪ کي ڦريندڙ، پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ هاڻي جمهوريت جا چيمپئين بڻجي ويا آهن، ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چور چوندڙن کي پن??اب حڪومت رومال به ڏئي ته جيئن هو پنهنجو چهرو لڪائي سگهن، گجرانوالا اسٽيڊيم ڀرڻ جي لاءِ هن اڌ اسٽيڊيم تي اسٽيج ٺاهي ڇڏيو آهي، پنهنجي دور ۾ هن?? ووٽ جي عزت جو نه نوٽ جي عزت جو خيال ڪيو، اسان کي ملڪ کي چورن جي چنبي مان ڪڍڻو آه??، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي به انهن جي پا??يسين جو نتيجو آهي، مولانا فضل الرحمان جو پٽ کٽي وڃي ته ٺيڪ آهي، پاڻ هارائي وڃي ته اليڪشن غلط آهي، عدالتون انهن جي حق ?? فيصلو ڏين ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ غلط سمجهندا آهن، اهي ناڪام ٿيندا ۽ ڪڏهن ٻيهر واپس نٿا اچي سگهن، انهن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سٺو وقت اچڻ وارو آه??، ايندڙ ٻن چئن هفتن ۾ صورتحال ۾ بهتري نظر انيدي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ اجلاس ۾ پا??يسي بيان ڏيندي ڪيو.