اسلام آب??د ?? 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گئس جي ??حدود وسيلن جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي مستقبل تي نظر رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي، گئس بابت معاملن جو تعلق ڪن??ن هڪ شعبي يا علائقي سان نه پر پوري ملڪ جو معاملو آهي، اهي سمورا معاملا مفادن جي ڪائونسل جي سامهون رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گ??س جي شعبي بابت معاملن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ گ??س جي گهرج ۽ پهچ، گئس انفرااسٽرڪچر، گ??س جي شعبي ۾ درپيش مسئلن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لائحه عمل جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص معاون نديم بابر ملڪي سطح تي گئس جي ??يداوار، ملڪي ضرورتن، درآمد ٿيل گئس جي ??قدار، قيمت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي گهرج ۽ پهچ جي ڪاٿي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گ??س جي شعبي ۾ هڪ طرف وڌندڙ گهريلو ۽ صنعتي شعبي جون ضرورتون ۽ ٻي طرف مقامي طور تي موجود گئس جي ??حدود ذخيرن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال خاص طور تي ويجهي مستقبل جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي جامع منصوبابندي جي ضرورت آهي.