اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا ??ي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکن??ي حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ??ي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحي?? جي منا??بت سان عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اه?? انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحي?? جي منا??بت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.