اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جي وفد مل??قات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واو وفاقي وزير سيد علي زيدي به موجود هئا، وزيراعظم سان مل??قات ڪندڙ وفد ۾ وس??م اختر، ڪنور نويد، ڪ??ور زهره، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، سيد آفريدي، اشرف قريشي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، عرفان مروت، اياز لطيف پليجو، سردار عبدالرحيم، ح??ني?? مرزا شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفد سان ڳا??هائيندي چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ سياسي قيادت عوامي خدمت نه ڪئي، هنن صرف پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اقتدار کي استعمال ڪيو.